GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

ايندڙ 6 مهينن ۾ اقتصادي هدف حاصل ڪري وٺنداسين، اڏار پاڪستان روانگي واپار تي ٻڌل معيشت کي وڌيڪ فروغ ڏيندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي مستحڪم، مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جي لاءِ قومي اقتصادي ترقي جو منصوبو ”اڏار پاڪستان“ روانگي واپار تي ٻڌل معيشت کي وڌيڪ فروغ ڏيندي قومي ترقي ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو، اقتصادي ٽيم جي اڻٿڪ ڪوششن جي ڪري ايندڙ 6 مهينن ۾ اقتصادي هدف حاصل ڪري وٺنداسين، هلندڙ مالي سال دوران مٽاسٽا جو ناڻو 35 ارب ڊالر تائين پهچڻ جي اميد آهي، گذريل 9 مهينن جي مثبت انگن اکرن، بهتر اقتصادي ڪارڪردگي ۽ شفافيت جي گواهي عام ماڻهو پڻ ڏئي رهيو آهي، پرعزم آهيون ته نئون سال پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي نويد کڻي ايندو، مقرر هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ محنت ۽ رڳو محنت ڪرڻي پوندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم نئون سال شروع ٿيڻ تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته نئون سال پاڪستان ۽ عوام جي لاءِ خوشين جو سال ثابت ٿئي، الله تعاليٰ پاڪستان کي خوشحال ڪري، عوام کي ترقي ڏي ۽ پاڪستان عالمي دنيا ۾ معاشي طور تي هڪ مضبوط ملڪ بڻجي اڀري. هن چيو ته پاڪستان جي معاشي ترقي جي حوالي سان گذريل ڏينهن هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ”اڏار پاڪستان“ منصوبو جاري ڪيو ويو. هن چيو ته جيڪڏهن اسان ثابت قدمي ۽ محنت سان هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيوسين ته اهو منصوبو قومي ترقي ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ان حوالي سان نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان گڏوگڏ پوري ڪابينا ۽ لاڳاپيل عملدارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معاشي ترقي روانگي واپار جي فروغ سان حاصل ڪري سگهجي ٿي، ان کانسواءِ ڪو ٻيو وسيلو نه آهي، واڌويجهه جي شرح ۾ استحڪام اچي چڪو آهي، هاڻي اسان کي اڳتي وڌڻو آهي. وزيراعظم اي ڊر آر جي حوالي سان بهترين ڪارڪردگي تي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته معاشي ٽيم جي ڪوششن سان قومي خزاني ۾ 72 ارب رپين جون اوڳاڙيون ٿيون آهن جنهن تي ايف بي آر چيئرمين ساراهه جو مستحق آهي. هن چيو ته ڊسمبر جي اوڳاڙين جو هدف تقريبن حاصل ڪري ورتو آهي جيڪو 97 سيڪڙو آهي. وزيراعظم ڪراچي بندرگاهه تي فيس ليس آپريشن جي شروعات ڪئي وئي آهي. بل گيٽس فائونڊيشن جي مدد سان ان حوالي سان 6 ارب ڊالر جي فنڊنگ حاصل ڪئي وئي جنهن سان ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جو عمل مڪمل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ناڻي واري وزير ۽ ناڻي واري وزارت جي ٽيم جي ڪوششن سان منصوبي تي عمل شروع ٿي چڪو آهي، ان جي شروعاتي نتيجن موجب ڪنٽينرز جي انسپيڪشن جي وقت ۾ 39 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي ۽ ڪاروباري ماڻهن کي 89 سيڪڙو ريليف مليو آهي. وزيراعظم اسمگلنگ جي روڪٿام جو ذڪر ڪندي چيو ته کنڊ جي افغانستان ڏانهن اسمگلنگ زيرو سيڪڙو آهي جنهن سان اسان کنڊ برآمد ڪرڻ جا قابل ٿياسين جنهن جو ڪريڊٽ وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، هٿياربند فوج ۽ ٻين ادارن ڏانهن وڃي ٿو جن کنڊ جي اسمگلنگ تي مڪمل طور تي ضابطو آندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته تيل جي اسمگلنگ ۾ پڻ نمايان گهٽتائي ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ جولاءِ کانپوءِ 5 مهينن دوران مٽاسٽا جي ناڻي جون وصوليون اٽڪل 15 ارب ڊالر رهيون آهن، سال مڪمل ٿيڻ تي مٽاسٽا جو ناڻو 35 ارب ڊالر تائين پهچڻ جي اميد آهي جيڪو ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو اعزاز هوندو. هن چيو ته مختلف وزارتن جي رائيٽ سائيزنگ، اي گورننس سميت ٻين قدمن تي عمل پيرا آهيون. هن چيو ته گذريل مهيني جي دوران احتجاج ۽ ڌرڻن جي باوجود اسان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان قومي معيشت ۾ ميڪرو استحڪام آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. معاشي استحڪام ۾ دوست ملڪ، آءِ ايم ايف سميت ٻيا عالمي حصيدار پڻ شامل آهن. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت جي شفافيت ۽ ڪارڪردگي جي گواهي عام ماڻهو پڻ ڏئي رهيو آهي، ڪنهن کي به اسڪينڊل آڻڻ جي جرئت نه ٿي، جيڪي توهان سڀني جي امانت، ديانت ۽ صداقت جي گواهي ڏئي رهيا آهن جنهن تي وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن، خاص معاونين، سيڪريٽريز سميت ٻين سمورن لاڳاپيل عملدارن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته اسان جا دوست ۽ خيرخواهه اسان جي لاءِ دعاڳو آهن، هاڻي قومي معيشت جي ترقي طرف وڌڻو پوندو جنهن جي لاءِ پنهنجي هدفن کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻو پوندو، پاليسيز تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، 9 مهينن جي ڪاميابين سان حوصلو وٺي مشڪلاتن کي منهن ڏيون ۽ اڳتي وڌون ته جيئن هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين هدف حاصل ڪري سگهجن. وزيراعظم محمد شهباز شريف اقتصادي واڌويجهه جي شرح جي حوالي سان چيو ته ان جي لاءِ اسان روانگي واپار تي ڌيان ڏينداسين، چين گوادر ۾ جيڪو ايئرپورٽ ٺاهيو آهي ان کي عالمي واپار جو مرڪز بڻائينداسين جنهن جا وسيع امڪان به آهن. دهشتگردي جي حوالي سانو زيراعظم چيو ته دهشتگردي ٻيهر ڪَر کنيو آهي جڏهن ته اسان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ بي مثال قربانيون ڏئي رهيا آهن ۽ پنهنجي رت سان پاڪستان جي آبياري ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن ۽ ايندڙ سال ملڪ جي لاءِ خير ۽ برڪت جو سبب بڻجندو جنهن جي لاءِ بنيادي شرط رڳو محنت آهي.

مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena
متعلقہ مضامین
مزید خبریں