گڏيل قومون – 21 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 27 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس کي خطاب ڪندو، گڏيل قومن جي خطاب ڪندڙن جي عبوري فهرست اڱاري ڏينهن ڏني وئي جنهن موجب وزيراعظم جي تقرير جي تاريخ 26 سيپٽمبر هئي جڏهن ته پاڪستاني مشن ان تاريخ ۾ تبديلي جي درخواست ڪئي هئي. 193 رڪني اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جو اعليٰ سطحي بحث 24 کان 30 سيپٽمبر تائين ٿيندو. هي ٻيو موقعو هوندو جڏهن وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي اهم پاليسي ساز اداري جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. هن گذريل خطاب 2022ع ۾ ڪيو هو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ترجمان مونيڪا گريلي موجب هيستائين 130 کان وڌيڪ عالمي اڳواڻن ايندڙ ان بحث ۾ شرڪت جي تصديق ڪئي آهي. اهي عالمي امن ۽ سلامتي جي مسئلن تي ڳالهه ڪندا. گڏيل قومن پاران جاري ڪيل خطاب ڪندڙن جي عبوري فهرست حتمي نه آهي. گڏيل قومون ان کي سيشن کان اڳ جي هفتن ۾ باقاعدگي سان اپ ڊيٽ ڪندو آهي ته جيئن ان شيڊيول کي ليڊرن، وزيرن ۽ سفيرن جي حاضري، نظام الاوقات ۽ ڳالهائڻ جي جاين ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي موجب بڻائي سگهجي. اسيمبلي جو 79 هون اجلاس جيڪو اصل ۾ 10 سيپٽمبر تي شروع ٿي رهيو آهي، اهو اجلاس ان وقت ٿي رهيو آهي جڏهن فلسطين، يوڪرين ۽ سوڊان سميت ڪيترن ئي فعال تڪرارن سان گڏ دنيا ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي. پر اسيمبلي جي ايجنڊا جو مقصد هڪ نئين عالمي ترقي جي اهڙي فريم ورڪ جي جوڙجڪ به طئي ڪرڻ آهي جيڪو زمين جي حفاظت ڪندو هجي ۽ سمورن ماڻهن جي لاءِ برابري، انصاف ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيندو هجي. برازيل، جيڪو روايتي طور تي بحث جي شروعات ڪندو آهي، 24 سيپٽمبر تي اعليٰ سطحي سربراهي اجلاس جي شروعات ڪندو. ان کانپوءِ ميزبان ملڪ آمريڪا جو صدر جو بائيڊن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي مشهور هال ۾ عالمي اڳواڻن کي پنهنجي صدارت جو آخري خطاب ڪندو. سيشن کان اڳ گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس گذريل سال جي اداري پاران ڪيل ڪم تي پنهنجي رپورٽ پيش ڪندو. گڏيل قومن سربراهي اجلاس کي هڪ اعليٰ سطحي تقريب جي طور تي بيان ڪيو آهي جنهن جو مقصد هڪ بهتر حال فراهم ڪرڻ ۽ مستقبل جي تحفظ جي لاءِ هڪ نئون عالمي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ آهي. گڏيل قومن موجب موثر عالمي تعاون اسان جي بقاءَ جي لاءِ تمام اهم آهي پر پراڻي ڍانچي جو استعمال ڪندي بداعتمادي جي فضا ۾ ان کي حاصل ڪرڻ مشڪل آهي، جيڪو اڄ جي سياسي ۽ اقتصادي حقيقتن جي عڪاسي نه ٿو ڪري. گڏيل قومن موجب طئي ٿيل ٻين اهم اجلاسن ۾ سمنڊ جي سطح ۾ اضافي سان پيدا ٿيندڙ وجودي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي مڪمل اجلاس اربع 25 سيپٽمبر، ائٽمي هٿيارن جي مڪمل خاتمي جي عالمي ڏينهن کي ياد رکڻ ۽ ان کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس خميس 26 سيپٽمبر، ۽ اينٽي مائيڪرو بيل مزاحمت تي اعليٰ سطحي اجلاس خميس 26 سيپٽمبر تي ٿيڻ شامل آهي.