اسلام ??ب??د ?? 31 – ڊسمبر (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جي حوالي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قي??ر رولنگ ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته استعيفائن جي تصديق نه ٿي سگهي ان لاءِ وڌيڪ ڪا??رو??ئي جي ضرورت نه آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ ڊاڪٽر محمد سجاد اعواڻ جي استعيفائن جي معاملي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي رولنگ ۾ چيو آهي ته ٻنهي ميمبرن استعيفائن جي تصديق ناهي ڪئي ۽ ميمبرن پنهنجي استعيفائن کي جعلي قرار ڏنو آهي، مليل استعيفا لاڳاپيل ميمبرن جون ثابت نه ٿي سگهيون، استعيفائن تي ڪا??رو??ئي قانون، قاعدي، گائيڊ ۽ لائنز ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ عملي ۾ آندي وئي.