اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ڪاروباري شعبي جي ترقي لاءِ برابري جي سطح تي موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، عالمي منڊين جي بدلجندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ معاشي فائدا حاصل ڪرڻ جي ??اءِ عالمي رجحانن م??جب حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽر پرينيورز آرگنائيزيشن اي او جي ??فد سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر عارف علوي چيو ته حڪومتي سڌارن ۽ پاليسين جي ڪري پاڪستان جي ڪاروباري ماحول ۾ بهتري آئي، ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي ع??لمي درجابندي ۾ پاڪستان جي ??وزيشن 28 درجا مستحڪم ٿي.