اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيجيٽل يوٿ هب پورٽ?? جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ هڪ خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، وزيراع??م جي نوجوانن جي معاملن واري خصوصي صلاحڪار شزه فاطمه، سينيٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم، يوٿ پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊيجيٽل پليٽ فارم پاڪستان جي باصلاحيت نوجوانن جي ترقي جي ويزن تحت نوجوانن کي هڪ ئي ڊيجيٽل پليٽ فارم تان تعليم جي عالمي معيار جون سهولتون، روزگار، ٻين تعميراتي سرگرمين ۽ ماحوليات جي حوالي سان آسان پهچ فراهم ڪندو.