اسلام آباد– 12 – جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت گريڊ هڪ کان 16 تائين جي سرڪاري ملازمن جي پ??هارن ۾ 25 سيڪڙو جڏهن ته 17 کان 22 گريڊ جي آفيسرن جي پ??هارن ۾ 20 سيڪڙو اضافو تج??يز ڪيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ پيش ڪندي پنهن??ي تقريب ۾ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽ?? محمد اورنگزيب ٻڌايو ته هڪ کان 16 گريڊ جي سرڪاري ملازمن جي لاءِ پگهارن ۾ 25 سيڪڙو اضاف?? ڪيو پيو وڃي جڏهن ته 17 کان 22 گريد جي آفيسرن جي پ??هارن ۾ 20 سيڪڙو اضاف?? ڪيو پيو وڃي. رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪرڻ ??ي تجويز آهي. اهڙي طرح گهٽ کان گهٽ ماهوار اجرت 32000 رپين مان وڌائي 37000 رپيا ڪرڻ ??ي تجويز آهي.