اسلام آباد – 09 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي حوال?? سان پاڪستان ۾ حالتون دنيا جي ٻين ملڪن ج?? ڀيٽ ۾ ڪنٽرول ۾ آهن، احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ ۽ عوام ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ سان صورتحال ۾ نمايان بهتري اچي سگهي ٿي، عوام جيڪڏهن ڪورونا وائرس جون علامتون محسوس ڪري ??ه فوري طور ۽ بنا ڪنهن ??پ جي ٽيس?? جي لاءِ رجوع ڪري، عوام ۾ آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ۽ ان حوال?? سان ج??د هڪ حڪمت عملي جوڙي وڃي. اها ڳالهه وزيراعظم عمران خان نيشنل هيلٿ ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.