اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپر??شن سينٽر (اين سي او سي) پاران ڪالهه آچر ڏينهن جاري تفصيل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 25013 ٽيسٽ ڪيا وي?? جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ 92624 مريض صحتياب ٿي وي?? آهن جيڪو نمايان انگ آهي. سڄي ملڪ ۾ 502 مريض وينٽي ليٽر تي آهن جڏهن ته ڪورونا جي مريضن جي لاءِ 1562 وينٽي ليٽر رکيا وي?? آهن. ملڪ ۾ 27 جون تي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 4072 رهيو جڏهن ته مجموعي طور تي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 106213 آهي. هيستائين 202955 ڪيسز سامهون آيا آهن. سنڌ ۾ 78267، پنجاب ۾ 74202، اسلام آباد ۾ 12395، گلگت بلتستان ۾ 1423، بلوچستان ۾ 10261، خيبرپختونخواهه ۾ 25380 ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 1027 مريض آهن. ڪورونا سبب 27 جون تي 83 ماڻهو فو?? ٿيا آهن. جڏهن ته فو?? ٿيندڙن جو مجموعي انگ 4118 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ 1243، پنجاب ۾ 1673، خيبرپختونخواهه ۾ 914، اسلام آباد ۾ 122، بلوچستان ۾ 144، گلگت بلتستان ۾ 24 ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 28 ماڻهو فو?? ٿيا آهن. هيستائين 1239153 ٽيسٽ ڪيا وي?? آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سهولتن وارين 768 اسپتالن ۾ 5342 مريض داخل آهن.