راولپنڊي – 25 – ڊسمبر (اي پي پي( اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته مقامي سطح تي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ مئچن سان نئون ٽيلينٽ سامهون ايندو، هوم گرائونڊ تي ڪرڪيٽ جي واپسي سان عالمي سطح تي پاڪستان جو اميج بهتر ٿيندو، سياست کي راند کان پري هجڻ گهرجي. چيمپيئنز ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي پڄاڻي واري تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چيمپيئنز ڪپ جي فائنل ۾ بنهي ٽيمن بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، شعيب ملڪ، حارث رئوف، ياسر بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي ڪرڪيٽ جي فروغ جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته محسن نقوي ۽ سندس ٽيم ٽورنامينٽ جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي جنهن تي انهن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پي ايس ايل ۽ ڊوميسٽڪ ليول تي ٽي ٽوئنٽي چيمپيئن ڪپ جهڙا ٽورنامينٽ منعقد ڪرڻ سان نئون ٽيلينٽ سامهون ايندو ۽ ان ٽيلينٽ کي عالمي سطح تي پرفارم ڪرڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته اهڙا ٽورنامينٽ وقت بوقت ٿيڻ گهرجن. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم سٺو پرفارم ڪري رهي آهي. محسن نقوي سليڪٽرز جو هڪ سٺو پينل ٺاهيو آهي. آسٽريليا کي آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريقا کي ڏکڻ آفريقا ۾ شڪست ڏيڻ سٺي ڪوشش آهي. هن چيو ته اڄ جو دلچسپ فائنل ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته اسان وٽ تمام گهڻو ٽيلينٽ آهي، ان ٽيلينٽ جي سامهون اچڻ سان اسان کي مستقبل جي ٽورنامينٽس ۾ پرفارم ڪرڻ جو موقعو ملندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۾ منعقد ڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون ويون، محسن نقوي آءِ سي سي جي ميٽنگز ۾ پڻ ويندو رهيو، چيمپيئنز ٽرافي جا اڪثريتي مئچ پاڪستان ۾ ٿي رهيا آهن، شائقين اسٽيڊيم اچي مئچ ڏسن، وڏي عرصي کانپوءِ اسان اهڙي طرح جي ٽورنامينٽ جي ميزباني ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته هوم گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ جي واپسي سان عالمي سطح تي پاڪستان جو اميج بهتر ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان چيمپيئنز ٽرافي جو ميزبان آهي ۽ سموريون ٽيمون پاڪستان اچي رهيون آهن انهن کي ڀليڪار چونداسين، ماضي ۾ جڏهن به ڪا غيرملڪي ٽيم پاڪستان آئي ان پاڪستان جي مهمان نوازي کي سدائين ساراهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته چيمپيئنز ٽرافي دوران اهڙو ماحول پيدا ٿئي جيڪو نه رڳو سيڙپڪاري ۽ سياحت جي حوالي سان بهتر هجي پر ڪرڪيٽ جي حوالي سان به شاندار هجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته راندين ۾ سياست جو پري پري تائين ڪو واسطو نه هجڻ گهرجي، سياست ۽ راند جدا جدا آهن، اسان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ يا ڪائونٽيز ۾ سڀني سان گڏجي کيڏندا آهيون. جڏهن سياست کي توهان راند ۾ مڪس ڪريو ٿا ته ان سان راند ۽ پنهنجي ملڪ جو نقصان ڪريو ٿا. سياست کي راند کان تمام گهڻو پري هجڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته چيمپيئنز ٽرافي جي هر مئچ دوران انٽرٽينمينٽ جا پروگرامز به منعقد ٿيندا جنهن ۾ پاڪستان جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويندو، ان حوالي سان محسن نقوي سمورا انتظام ڪري ڇڏيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني شائقين کي پيغام آهي ته ڪرڪيٽ اسٽيڊيم اچن ۽ پنهنجي پسنديده رانديگرن ۽ پسنديده ٽيمن کي ويلڪم ڪن ته جيئن اهو پيغام وڃي ته اسان ڪرڪيٽ جو جوش ۽ جذبو رکون ٿا ۽ ڪرڪيٽ کي ڏسڻ چاهيون ٿا، اها اسان جي تمام وڏي ڪاميابي هوندي ته ماڻهو هتي اچي ڪرڪيٽ ڏسن. سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي پنهنجا فرض بهترين طريقي سان سرانجام ڏئي رهيو آهي، مهمان ٽيمن جي سيڪيورٽي جي لاءِ بهترين انتظام ڪيا ويندا، سدائين شٽل سروس جو انتظام ڪيو وڃي ٿو، اڳتي به ڀرپور انتظام ڪيا ويندا. ڀارت مان پاڪستان ايندڙ ڪرڪيٽ شائقين جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ڪا درخواست آئي ته پي سي بي چيئرمين ان معاملي کي پاليسي موجب ڏسندو. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير چيمپيئنز ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي پڄاڻي واري تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، رانديگرن ۽ مئچ آفيشلز ۾ انعام ورهايا. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اي بي ايل اسٽالينز ۽ مارخورز ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ بهترين راند پيش ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بهترين انداز ۾ ذميواريون ادا ڪري رهيو آهي. نئين ٽيلينٽ کي سامهون آڻڻ جي لاءِ اسان کي اهڙي طرح جي وڌيڪ ٽورنامينٽس جي ضرورت آهي، هي ٽورنامينٽ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي راند کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. راولپنڊي ۾ منعقد چيمپيئنز ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي فائنل ۾ اي بي ايل اسٽالينز مارخورز کي 75 رنسن تان شڪست ڏيندي چيمپيئنز ٽي 20 ڪپ جو فائنل پنهنجي نالي ڪري ورتو. اسٽالينز 20 اوورز ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 199 رنسون ٺاهيون. ياسر خان 57 بالن تي 7 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 100 رنسون ٺاهيون جڏهن ته مارخور جي عاڪف جاويد ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ مارخورز جي ٽيم 19.1 اوورز ۾ 124 رنسون ٺاهي سگهي. فاسٽ بائولر محمد علي ٽي وڪيٽون ورتيون. ياسر خان پليئر آف دي فائنل ۽ محمد علي پليئر آف دي ٽورنامينٽ قرار ڏنا ويا. محمد حارث ٽورنامينٽ جو بهترين وڪيٽ ڪيپر، حسين طلعت بهترين بيٽسمين ۽ محمد علي بهترين بائولر قرار ڏنا ويا.