اسلام آب??د -29 نومبر (اي پي پي) مواصلات ۽ پوسٽل سروسز جي وفاقي وزير مراد سعي?? چيو آهي ته پي ڊي ايم جا جلسا ناڪام ٿي چڪا آهن. پش??ور جلسي ۽ گلگت بلتستان ۾ ناڪامي جي ڪري اپوزيشن وائڙپ جو شڪار آهي، سموري قوم ڄاڻي ٿي ته مخالف ملڪي مفاد ۾ ڪجهه به نه ڪيو آهي. اڳوڻن حڪمرانن ملڪ ۾ هڪ به اهڙو اسپتال نه ٺهرايو جتي هو پنهن??و علاج ڪرائي سگهن. اسان کي حڪومت ملڪي ته معيشت آءِ سي يو ۾ هئي. وزيراعظم عمران خان جي بهترين حڪمت عملي سبب ڪورونا جي پهرين لهر تي اثرائتي نموني ضابطو آندو ويو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مراد سعي?? چيو ته عمران خان کي مزدور ۽ ڏهاڙيدار طبقي جو فڪر آهي. انهيءَ لاءِ هن سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو. احساس پروگرام وسيلي هڪ ڪروڙ 60 لک خاندانن کي 12 هزار رپيا امداد ڏني وئي.