اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هزاره برادري کي خاطري ڪرايان ٿو ته ا??هن جي ڏکن جو ازالو ڪيو ويندو، حڪومت اڳتي اه??ي قسم جي حملن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڙيسري ملڪ فرقيواراڻي دهشتگردي کي هوا ڏئي رهيو آهي، پنهنجي عوام جو اعتماد نه ٽوڙيندس، ڏکويل خاندانن سان دعا ۽ تعزيت جي لاءِ اتي ويندس. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو ??چ ۾ ٿيل دهشتگردي جو نشانو بڻجندڙ هزاره برداري جي ماڻهن کي يقين ڏياري ٿو ته هو ا??هن جي ڏکن ۽ مطالبن کان واقف آهي، مستقبل ۾ اه??ي طرح جي حملن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ۽ ڄاڻون ٿا ته اسان جو پاڙيسري ملڪ فرقيواراڻي دهشتگردي کي هوا ڏئي رهيو آهي.