اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وف??قي ڪابينا احتساب جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ 30 نيون خصوصي احتساب عدالتون قائم ڪرڻ، افغانستان پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ ۾ ٽن مهينن جي لاءِ واڌ، ٽي لک ٽن ڪڻڪ ۽ 5 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جي حوالي سان پيپرا قانونن ۾ ڇوٽ ڏيڻ ۽ مختلف ادارن ۾ مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي، آءِ پي پيز سان ٿيندڙ حڪومتي ??الهين جي نتيجي ۾ ايندڙ 20 سالن ۾ ملڪ کي 800 ارب رپين جو فائدو ٿيندو ۽ بجلي جي قيمت گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ڪابينا سنڌ ۽ خاص طور تي ??راچي جي عوام کي 6 سال پراڻي ڪڻڪ جي فراهمي تي ??ڻتي جو اظهار ڪيو، وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي، حڪومت سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪري، هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع، بل اسيمبلي ۾ پيش ۽ آرڊيننس جاري ڪيو آهي، سپريم ڪورٽ حقيقت ڏسندي جيڪو به فيصلو ڪندي ??سا?? کي قبول هوندو، وزيراعظم 60 کان وڌيڪ ادارن ۾ سربراهن جي مقرري لاءِ آخري مهلت ڏئي ڇڏي، ايندڙ اجلاس ۾ هيستائين مقرري نه ڪرڻ تي جواب به طلب ڪيو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن وارو وف??قي وزير اسد عمر وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وف??قي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيا هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته ڪابينا ان رپورٽ تي انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن موجب سنڌ حڪومت پاران 32000 ٽن ڪڻڪ جيڪا 6 سال پراڻي ۽ انساني استعمال جي لاءِ مضر هئي صوبي جي مختلف علائقن جي لاءِ رليز ڪئي پئي وڃي. وف??قي ڪابينا نوٽ ڪيو ته سنڌ پاران عوامي ضرورتن جي وقت ڪڻڪ ريليز نه ڪرڻ ۽ وف??قي حڪومت کان ڪڻڪ ۽ کنڊ جي موجود اسٽاڪس بابت معلومات وقت سر شيئر نه ڪرڻ سان جتي انهن جنسن جي قيمتن ۾ مصنوعي اضافو ڏسڻ ۾ آيو?? ذخيره اندوزي جي شڪايت سامهون آئي اتي ??ڻڪ جو هڪ وڏو مقدار جيڪو انساني استعمال لاءِ ڪتب آڻي سگهجي ها ضايع ٿيو آهي ۽ عام ماڻهو مش??لا??ن جو شڪار ٿيو. ڪابينا کي شگر انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ جي نتيجي ۾ ڪيل ڪارروائي ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته شگر انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ اڪثر شگر ملز پاران عدالت سان رجوع ڪيو ويو هو. ان حوالي سان عدالتي فيصلن کانپوءِ ڪارروائي جاري آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نيب پاران سبسڊي جي معاملي تي جاچ به جاري آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ماٿر نياز رانا کي چيف سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني پئي وڃي. ڪابينا ٽيڪس قانون (ترميم) آرڊيننس 2021ع جي منظوري ڏني. انهن ترميمن جو مقصد ڊيجيٽل روشن پاڪستان منصوبي ۾ سهولتڪاري آهي.