اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اظهار راءِ تي ڪا پابندي نه آهي، ڪجهه چينلز ۽ اخ??ارون خاص ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيون آهن، ڪڏهن به ڪنهن چينل ۽ اخ??ارن جا اشتهار روڪڻ جو حڪم ناهي ڏنو، اه?? ادارا جيڪي حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا انهن کي به اشتهار ڏنا ويا آهن، پي ٽي آءِ جي حڪومت روايتي حڪومت نه آهي، نئين پارٽي نئين سوچ سان حڪومت هلائي رهي آهي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽ?? جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽ?? جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽ?? جي اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کان قومي اشتهارن جي پاليسي تي بريفنگ، پي ٽي وي اسپورٽس جي ڪم جي طريقيڪار ۽ مستقبل ۾ نشريات ۽ پروگرام ۾ بهتر?? جي منصوبابند?? جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.