سکر – 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سنڌ جي پٺتي پيل علائقن لا??ِ پوري تياري سان هڪ وڏ?? پيڪيج آ??دو آهي، سنڌ حڪومت ڪراچي جي ويجهو نئون شهر ٺاهڻ جي منصوبي جي اين او سي رد ڪرڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪري، ان منصوبي سان سنڌ حڪومت کي فائدو ٿيندو، پوئتي پيل علائقن ۽ هيٺين طبقن کي مٿي کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، سنڌ جي عوام جي حالت بدلائڻ لا??ِ پوري ڪوشش ڪنداسين، سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جا ماڻهو ترقي ۾ پوئتي رهجي ويا آهن، چونڊن ۾ پنجاب ۾ هڪ وڏ?? مافيا سان مقابلو هو ان لا??ِ هتي وڌيڪ ڌيان نه ڏئي سگهيس، نوجوانن کي بنا وياج جي قرض ڏئي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين، سکر – حيدرآباد ??وٽر وي، نئين گاج ڊيم جي تعمير سان علائقي کي وڏ?? فائدو ٿيندو، احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جو دائرو هڪ ڪروڙ 20 لک خاندانن تائين وڌائينداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي 14 ترجيحي ضلعن جي لا 446 ارب روپين جي ميگا ترقياتي منصوبي تحت ڪامياب جوان پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، وفاقي وزير اسد عمر، ڊاڪٽر فهميده مرزا، شاهه محمود قريشي، سيد علي حيدر زيدي، محمد ميان سومرو، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ عثمان ڊار به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان چيو ته کيس اڄ سکر اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، هو ڪراچي جو دورو ڪ??دو رهيو آهي پر سنڌ جي ٻين شهرن ۾ اچڻ جو موقعو نه ملي سگهيو، هن چيو ته سنڌ جي پٺتي پيل علائقا غريب ترين علائقن ۾ شمار ٿين ٿا، 25 سال پهرين جڏهن مون سياست شروع ڪئي ۽ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ويس ته بلوچستان، قبائلي علائقن ۽ سنڌ جي ماڻهن کي تمام گهڻي مشڪل حالتن ۾ جيئندي ڏٺو. عوام کي بنيادي سهولتون ۽ حق ميسر نه آهن اهي پوليس ۽ طاقتور جي ظلم ۽ انتقامي ڪاررواين جو شڪار آهن، موهن جو دڙو 5 هزار سال پراڻو شهر آهي پر سنڌ جو اهو علائقو ترقي ڪرڻ بدران پسماندگي طرف وڃي رهيو آهي، سنڌ جا ماڻهو ترقي ۾ پوئتي رهجي ويا آهن، وزيراعظم چيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ منهنجو پنجاب جي وڏ?? مافيا سان مقابلو هو، ان لا??ِ آئون سنڌ تي وڌيڪ ڏيان نه ڏئي سگهيس، هن چيو ته اسان جي حڪومت آئي ته ملڪ تي تاريخ جو سڀ کان وڏ?? قرض چڙهيل هو. اڍائي سالن ۾ اسان 20 هزار ارب جو قرض واپس ڪيو هو، اهڙي طرح اسان (ن) ليگ جي مقابلي ۾ اضافي 15 هزار ارب روپيا قرضن جي قسطن ۽ وياج جي ادائيگي ۾ ڏنا. جيڪڏهن اسان اهو پئسو روڊن، اسڪولن، اسپتالن، آبپاشي جي نظام ۽ انفرااسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ تي خرچ ڪريون ها ته ملڪ ڪٿان کان ڪٿي پهچي وڃي ها پر قرضن جو پهاڙ اسان جي سامهون ڪر کنيو بيٺل هو ۽ اسان جو گهڻو پئسو ان مد ۾ خرچ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ اسان وٽ ايترا پئسا نه هئا ته عوام جي ترقي ۽ فلاحي منصوبن لا??ِ خرچ ڪريون ٿا، وزيراعظم چيو ته سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جي عوام لا??ِ 446 ارب روپين جو پيڪيج وڏ?? مشڪل حالتن ۾ تيار ڪيو آهي، پوري تياري سان پورو پيڪيج کڻي آيا آهيون، هڪ مهيني ۾ ان پيڪيج تي عملدرآمد نظر ايندو، وزيراعظم چيو ته نوجوانن کي هنرمند بڻائي رهيا آهيون.