اسلام آباد ?? 30 ??ولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي آبپاشي واري وزير محسن لغاري ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پنجاب ۾ آبپاشي واري وزارت تحت جاري منصوبن، دريا جهلم تي جلال پور ڪينال جي تعمير، ڊيره غازي خان ۾ واقع ڪوه سليمان جي جابلو سلسلن ۾ آبي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ، راولپنڊي ۾ پاڻي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ددوچا ڊيم جي تعمير، گريٽر ٿل ڪينال جي چوباره برانچ جي تعمير ۽ انڊس هاءِ وي تي حادثن جي روڪٿام بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.