اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ سومر ڏينهن لاهور ۾ مياواڪي اربن فاريسٽ جو افتتاح ڪندو. 10 ارب سونامي منصوبي تحت مون سون ۾ وڻڪاري جي لاءِ وزيراعظم دنيا جي سڀ کان وڏي مياواڪي فاريسٽ جو افتتاح ڪ??ڻ جي لاءِ لاهور جو دورو ڪندو. اهو فاريسٽ 100 ڪينال تي ??اه??و ويو آهي جڏهن ته ان ۾ هڪ لک 65 هزار ٻوٽا ل??اي?? ويندا جيڪي منفرد مياواڪي ٽيڪنالاجي سان معمول جي وڻن جي مقابلي ۾ 10 ڀيرا جلد وڏا ٿيندڙ ٻوٽا آهن. شهري ٻيلا تيزي سان پوکڻ جي لاءِ مخصوص زمين جي تياري سان گڏوگڏ مختلف قسمن کي مختلف واڌويجهه جي شرح سان استعمال ۾ آندو پيو وڃي. لاهور جي مختلف حصن ۾ مياواڪي جي 53 ٻيلن جي نشاندهي مختلف جاين تي ڪئ?? وئي آهي جنهن سان ڪاربن ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ شهري آلودگي ۾ گهٽتائي آڻي سگهبي. وزيراعظم عمران خان لاهور جي آلودگي کان پاڪ ۽ باغن جي شهر جي تجديد ۽ بحالي جي لاءِ پرعزم آهي. موجوده مون سون دوران سڄي ملڪ ۾ 50 ڪروڙ ٻوٽا ل??اي?? پيا وڃن جيڪا پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي وڻڪاري آهي.