اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ي??ني??رسٽين تي زور ڏنو آهي ته اهي ملڪ ۾ معياري تعليم جي فروغ لاءِ آن لائين تعليم ۾ اضافو ڪن ۽ تحقيق ۽ جدت تي ڌيان ڏين، تبديل ٿيندڙ دنيا جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن کي تيار ڪرڻ لاءِ ي??ني??رسٽين جي ويزن جي جوڙجڪ جي ضرورت آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل ي??ني??رسٽي آف ماڊرن لينگويجز، اسلام آباد بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نمل جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) محمد جعفر ملڪ ۾ تعليم جي فروغ ۾ ي??ني??رسٽين جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ي??ني??رسٽي ??ي مختلف پروگرامن ۾ 22 هزار شاگرد داخل ٿيا ۽ 77 هزار کان وڌيڪ شاگردن گريجوئيشن ڪئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ي??ني??رسٽي مالي سال 21 – 2020ع دوران م??ذور ماڻهن سميت شاگردن کي 340 مل??ن روپين جون اسڪالرشپس فراهم ڪيون آهن، صدر ملڪ جي تعليمي ترقي ۾ ي??ني??رسٽي جي ڪردار کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 21 هين صدي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اعليٰ تعليمي ادارن کي فڪري طور تي اعليٰ گريجوئيٽ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ي??ني??رسٽي مئنيجمينٽ کي چيو ته اها آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ قائم ڪري ته جيئن نوجوانن کي روزگار ??ي مهارت فراهم ڪري سگهجي ته جيئن اهي ملڪ ??ي معاشي ترقي ۾ حصو وجهي سگهن. صدر مختلف زبانن ۾ تحقيق ۽ ڇپائي جي شعبن ۾ نمل ي??ني??رسٽي جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو.