اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوشنبي رو??نو ٿي ويو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم تاجڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي ??و) جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان ٻطرفي ملاقات لاءِ صدارتي محل جو دورو به ڪندو. وزيراعظم ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ڪاروباري شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ گڏيل بزنس فورم کي به خطاب ڪندو. وزيراعظم دوشنبي ۾ ايس سي ??و جي 20 هين سربراهي ۾ شرڪت جي موقعي تي اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن سان ملاقات به ڪندو. دوري دوران وزيراعظم ايران ، قزاقستان، بيلاروس ۽ ازبڪستان جي صدرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو، ايس سي ??و سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر سان ملاقات ڪندو، وزيراعظم عمران خ??ن سان هڪ اعليٰ سطحي وزارتي وفد به گڏ هوندو.