اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي 29 سيپٽمبر تي ٽانڪ ضلعي ۽ 25 سيپٽمبر تي ڪوئيٽا ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي گهرڀاتين سا?? رابطو ڪيو ۽ شهيدن کي ??نهن جي خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر عا??ف علوي 25 سيپٽمبر تي بلوچستان هرنائي ضلعي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي پونئيرن سا?? به ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. هن ڪيپٽن سڪندر سهيل ۽ سپاهي محمد عرفان جي گهرڀاتين کي ٽيليفون ڪئي. صدر سپاهي ماجد فريد، سپاهي حسنين رحمت جي گهرڀاتين سا?? ڳالهه بولهه ڪئي. هن سپاهي ذاڪر حسين ۽ سپاهي محمد سليم جي گهرڀاتين سا?? پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شهيدن کي ??نهن جي خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر عا??ف علوي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سندن گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.