واشنگٽن – 16 نومبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان آمريڪي تعليمي ادارن ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني ش??گر??ن جي انگ ۾ اضافي کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي اميد ڏيکاري آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ جاري ڪوششن تحت موجوده تعداد کي ايندڙ ٽن سالن ۾ ٻيڻو ڪيو ويندو. پاڪستاني سفارتخاني مان جاري بيان موجب مسعود خان چيو ته مختلف آمريڪي تعليمي ادارن ۾ پاڪستاني ش??گر??ن جو وڌندڙ انگ نه رڳو تعليمي شعبي ۾ ويجهي سهڪار جي عڪاسي ڪري ٿو بلڪه مستقبل ۾ مضبوط ٻ??رف?? ناتن جي ضمانت به آهي. هن چيو ته پاڪستاني ش??گر??ن کي سائنس، ٽيڪنالوجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي (??يس ٽي اي ايم) جي مضمونن ۾ وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي ته جيئن هو انهن مضمونن ۾ آمريڪي مهارت ۽ ??لم مان فائدو حاصل ڪري سگهن.