اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ هم آهنگي بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان عراق ۾ پاڪستان جي سفير محمد ذيشان احمد ملاقات ڪئي. وزارت مان جاري بيان موجب عراق ويندڙ زا??ري?? کي وڌ کان وڌ ??هولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان مختلف قدمن تي خيالن جي مٽاسٽا ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته زا??ري?? مئنجمينٽ پاليسي وفاقي ڪابينه اپريل 2021ع ۾ منظور ڪئي هئي، پاليسيءَ ج?? بنيادي مقصد پاڪستاني زا??ري?? کي وڌ کان وڌ ??هولتون فراهم ڪرڻ آهي. ٻنهي ملڪن جي مذهبي معاملن واري وزارت وچ ۾ ايم او يو جو ڊرافٽ پرڏيهي وزارت ڏانهن اُماڻي ڇڏيو آهي. وفاقي وزير زا??ري?? کي سهولت جي فراهميءَ ج?? حوالي سان جلد کان جلد عراقي حڪومت سان ايم او يوز صحيح ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ايم او يو تحت پاڪستاني زا??ري?? کي عراق ۾ وڌ کان وڌ ??هولتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون. وفاقي وزير ڪربلا ۾ پاڪستان هائوس ۽ وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ جي قيام کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته حڪومت زا??ري?? کي وڌ کان وڌ ??هولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. پاڪستاني سفير عراق ۾ پاڪستاني ويلفيئر اتاشين جو انگ وڌائڻ جي تجويز ڏني.