اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ضر??ري شين جي ق??متن کي ضابطي ۾ رکڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جي ڏس ۾ نجي شعبي ۽ ڪاروباري برادري کي هر ممڪ?? سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ عوام کي درپيش مسئلن جو مڪمل ادارڪ آهي ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت هر ممڪن ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي سان تعلق رکندڙ پاڪستان تحر??ڪ انصاف جي ق??مي اسيمبلي م??مب??ن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.