رياض – 24 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي فرمانر??ا شاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته امت کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ عالم اسلام ۾ اتحاد اڻٽر آهي، خطي ۾ امن ۽ مسلمان ??لڪن ۾ اتحاد لاءِ پاڪستان جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، ڪشمير مسئلي سميت سمورن تڪرارن کي ڳالهين جي ذريعي پرامن طور تي حل ڪرڻ گهرجي، سعودي عرب ڪشمير مسئلي جو گڏ??ل قومن جي قراردادن موجب پرامن حل چاهي ٿو، پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ سعودي عرب هر ممڪن تعاون جاري رکندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن شاهي محل ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي سربراهي ۾ پارلياماني وفد سان ??لاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.