اسلام آباد – 11 ??نو??ي (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته فنڪار ۽ گلوڪار پاڪستان جو حقيقي چهرو آهن، گلگت بلتستان جو خطو تاريخي لحاظ کان اهميت رکندڙ خطو آهي جيڪو سي پيڪ جي ڪاميابي ۾ پڻ اهم ??ردار ادا ڪري رهيو آهي، گلگت بلتستان جي بهادر ۽ ارڏي عوام سدائين پاڪستان جي دفاع ۾ اهم ??ردار ادا ڪيو آهي، جن نه رڳو ڊو??ر کي ڀڄايو هو پر ان علائقي ۾ پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪايو، جشن ساز ۽ سامان ۾ هن خطي جي هڪ منفرد روحاني ڪردار علامه نصيرالدين نصير هنزالي کان روشناس ٿيڻ جو پڻ شرڪت ڪندڙن کي موقعو مليو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪست??ن نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ قراقرم جي صوفي موسيقي جا رنگ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.