اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي ا??لاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جا لاڳاپا اسلامي ورثي ۽ قدرن تي ٻڌل آهن جيڪي رياستن تائين محدود ناه?? پر ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ گهري رشتي جو آئنيدار آهن، ترڪي ڪشمير مسئلي جي ج??ڙي طرح حمايت ڪئي ا??ان کي ان تي فخر آهي، پاڪستان ٽيلي ويزن، ريڊيو پاڪستان ۽ ٽي آر ٽي جي وچ ۾ پروٽوڪول تي صحيحن سان ميڊيا، اطلاعات ۽ ثقافت جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪي جي سياحت واري ڊپٽي وزير سان ملاقات دوران ڪيو.