اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا کي اڏاوتن جي شعبي ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ، ??خي??ه ان??وزي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ ناڻي واڌ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٻن آرڊيننس جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، آر??ين??س ۾ ??خي??ه ان??وزن ۽ اسمگلنگ ڪندڙن جي لاءِ سخت سزائون تجويز ڪيون ويون آهن، اهو قدم ناجائز منافعي خوري ۽ ??خي??ه ان??وزي جي خاتمي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب رليف هيٺئين سطح تي پهچائڻ لاءِ هڪ قانوني ڪوشش آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت تي اڏاوتن جي شعبي ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي آرڊيننس آندو پيو وڃي، ??خي??ه ان??وزي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام سان گڏوگڏ ناڻي واڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي آرڊيننس ۾ ??خي??ه ان??وزن ۽ اسمگلنگ ڪندڙن جي لاءِ سخت سزائون تجويز ڪيون ويون آهن. وفاقي ڪابينا قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 3 اپريل جي فيصلن، اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 8 ۽ 9 اپريل جي فيصلن جي توثيق ڪئي.