اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس ??ان پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ ضروري شين جي ذخيره اندوزي، ناجائز منافعي خوري ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن کي خبردار ڪندي واضح انداز ۾ اعلان ڪيو آهي ته حڪومت اهڙي ڪنهن به قدم تي سخت ڪارروائي ڪن??ي، ڪنهن کي موجوده صورتحال مان غيرقانوني فائدو کڻڻ جي اجازت نه ڏني وين??ي، لاڪ ڊائون ۾ سڀ کان وڌيڪ فڪر معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي آهي، انتهائي نگهداشت جي مريضن لاءِ سهولتون ??ست??اب آهن جڏهن ته متوقع حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پڻ انتظام ڪيا پيا وڃن، ڪورونا هڪ قومي مسئلو آهي ان حوالي ??ان سمورا فيصلا اتفاق راءِ ??ان ڪيا ويا آهن، انهن کي سياسي رنگ ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي. ڪورونا جي صورتحال ۽ حڪومت پاران کنيل قدمن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا ??ان پيدا ٿيندڙ صورتحال بلڪل نئين آهي، ان جي لاءِ دنيا جي ڪا حڪومت به تيار نه هئي، ا??ان 13 مارچ کان قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا، جڏهن ملڪ ۾ ڪورونا جا 26 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا.