اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري ڀارت کي دنيا ۾ ڌار ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خان ڀارتي وزيراعظم نريندر مو??ي جو اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هو ريڊيو پاڪستان جي اهتمام هيٺ خصوصي مشاعري کي خطاب ڪري ره??و هو، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? ته اڄ پوري دنيا ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين جي معاملي تي پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، هن چي?? ته گذريل سال 5 آگسٽ تي هندستان پنهنجي آئين جي ٻن آرٽيڪلز کي ختم ڪ??ي ڇڏيو جنهن سان نه رڳو ڪشميرين جي خودمختياري محدود ٿي وئي پر ڪشميرين کي بدترين ڪرفيو ۽ لاڪ ڊائون کي منهن ڏيڻو پيو، رياست کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، هن چي?? ته مو??ي جو هندستان بي مثال قربانيون ڏيندڙ بهادر ڪشميرين جي آزدي جي جدوجهد کي چيڀاٽي نٿو سگهي