اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چمن ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وزير زخمين جي جل?? صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. اطلاعات واري وزير چيو ته شرپسند عنصر بلوچستان جي ترقي ۽ استحڪام جا مخالف آهن. هن متاثر م??ڻهن جي پونئيرن سان دلي همدردي جو پڻ اظهار ڪيو.