اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو آهي ته ڪشمير ۽ جوهري پروگرام تي ڪو به ٺاهه نٿو ٿي سگهي، انهن ٻنهي معاملن تي پاڪستان جي سمورين سياسي پارٽين جي وچ ۾ مڪمل اتفاق راءِ آهي. ”اي پي پي“ ۽ ريڊيو پاڪستان کي ڏنل پينل انٽرويو ۾ هن ??يو ته ڪشمير ۽ جوهري پروگرام تي ڪا به سياسي پارٽي يا اڳواڻ ٺاهه نٿو ڪري سگهي، اهي ٻئي معاملا پاڪستان جي تذويراتي پاليسين سان جڙيل آهن ۽ ا??ي پاڪستان جو بنياد ۽ نظريي جي لاءِ ضروري آهن. هن ??يو ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهن ۽ وزيراعظم عمران خان جيڪو ڪشميرين جو سفير آهي ۽ هن ??ارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو هر فورم تي اٿاريو آهي ۽ ا?? جي نتيجي ۾ اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي، ترڪي، ايران ۽ ملائيشيا ڪشميرين جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ جي لاءِ اهم ??ردار ادا ڪيو.