اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ جمعي ڏينهن پاڪستان آءِ لينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ورڪنگ گروپس جو اجلاس من??قد ٿيو جنهن ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ پنجاب جو چيف سيڪريٽري جواد رفيق ملڪ وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي ٻنهي من??وبن تي هن وقت تائين ٿيندڙ اڳ??را??ي کان آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ??اوي سٽي ۽ ٻيٽن تي آباد ٿيندڙ شهر ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سرسبز شهر (گرين سٽي) جي اصولن جي عين موجب هوندا، راوي ڊولپمنيٽ اٿارٽي جي چيئرمين ٻڌايو ته ??عميرات جي لاءِ 18600 ايڪڙ زمين جو سروي مڪمل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ مقامي آبادي کي بي دخل ڪرڻ يا ڪنهن ??ي جاءِ تي من??قل ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، هن ٻڌايو ته ??اوي سٽي من??وبو عالمي معيار موجب رهائش سان گڏوگڏ پا??ي جي نيڪالي، زمين جي اندر پا??ي جي ذخيرن جي دستيابي ۽ حفاظت ۽ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان خطي ۾ پيروي ڪرڻ جو نمونو ثابت ٿيندو، واضح رهي ته ??هو من??وبو قرض بدران حصيداري جي بنياد تي ٺاهيو پيو وڃي جنهن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ عالمي ادارا ۽ سيڙپڪار دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن.