لاهور – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته ڪورونا سان ڏهاڙي فوتگيون 50 کان وڌي ويون آهن، هڪ قوم جي حيثيت ۾ احتياط نه ڪيو ويو ته ڪورونا ڪيسز ۾ اضافي سان گڏوگڏ معيشت به متاثر ٿيندي، سماجي فاصلن ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪري ئي ڪورونا کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي، پاڪستان واحد ملڪ آه?? جنهن رمضان المبارڪ ۾ مسجدون بند نه ڪيون، عوام ۽ عالم سڳورن جهڙي طرح اڳ ۾ ڪورونا وبا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت سان پورو تعاون ڪيو، اڄ ٻيهر ان تعاون جي ضرورت آه??، ڪورونا کان بچائيندي بچائيندي ماڻهن کي بک سان نه ٿا ماري سگهون، ان لاءِ ڪاروبار ۽ فيڪٽريون بند نه ڪنداسين، ڪورونا وبا دوران جلسن جلوسن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، مخالف ڌي جيترا مرضي جلسا ڪري اين آر او نه ملندو، معاشي لحاظ کان پاڪسدتان صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آه??، فيصل آباد ۾ فيڪٽريون تيزي سان هليون ۽ مزدورون جي کوٽ درپيش آه??، قرضن جي قسطن جي ادائيگي جي ڪري معاشي مشڪلاتون درپيش آهن، قسطون نه ادا ڪرڻيون پون ته اسان جي آمدني خرچن کان وڌيڪ آه??، اوورسيز پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، پنجاب ۾ قبضا گروپ جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آه??ون، شگر مافيا ڳٺ جوڙ سان کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو، ??او?? ريور منصوبي تحت 60 لک ??ڻ لڳايا ويندا، ڪامياب پرڏيهي پاليسي سان دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت اميج اڀريو آه??، اسان ڪشمير جي معاملي ۾ ڀارت کي دنيا آڏو بي نقاب ڪيو، ڊو مور جو مطالبو ڪندڙ آمريڪا اڄ اسان کي ساراهي رهيو آه??، ترڪي، ايران، افغانستان، سعودي عرب ۽ يو اي اي سان تمام سٺا لاڳاپا آهن، جيستائين اسرائيل فلسطين کي آزادي نه ٿو ڏي ان وقت تائين اسرائيل کي تسليم نه ٿو ڪري سگهجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.