اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو و??ير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته واضح طور چوان ٿو ته عمران خان 5 سال پورا ڪندو ۽ معاشي حالتون بهتر ڪري قوم کي اڳتي وٺي ويندو جنهن کي لانگ مارچ ڪرڻو آهي ڪري وٺي، اسلام آباد اچڻو آهي ڀلي اچي اسين آجيان لاءِ تيار آهيون. اهڙو اظهار هن آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. گهرو و??ير چيو ته آجياڻي واري ناشتي تي اوهان جو دلي طور ٿورائتو آهيان، انشاءَ الله 70 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 23 ڊسمبر تي وزيراعظم پوليس لائنز ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪندو. عمران خان جو ڪريڊٽ آهي ته پوليس کي پهريون ڀيرو ايتري عزت ۽ـ مانُ ملي پيو. هن چيو ته هڪ لک سُڃاڻپ ڪارڊ روز جاري ٿيندا ۽ پهريون مفت جاري ٿيندو. اسلام آباد ۾ 3 کان سواءِ سموريون چيڪ پوسٽون ختم ڪري ڇڏيون آهن، 23 ڊسمبر تي وزيراعظم فنڊ ڏيندو ته سموريون چيڪ پوسٽون ختم ڪري ڇڏينداسين، سمورن تعلقن ۾ سُڃاڻپ ڪارڊ آف??سون کوليون وينديون جيڪي تعلقه رهجي ويا آهن اتي هر هفتي هڪ آف??س کولي ويندي. 10 ملڪن ۾ سُڃاڻپ ڪ??رڊ?? ۽ پاسپورٽ جو انتظام آهي، سڄي دنيا ۾ پرڏيهي وزارت سان گڏجي سُڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو نظام بهتر ڪنداسين ۽ وڌيڪ آف??سون کولينداسين. هن چيو ته وزيراعظم مون مٿان اعتماد ڪيو آهي، 100 ڏينهن ۾ گهرو و??ارت ۾ تبديلي ايندي. اميگريشن، نادرا، پاسپورٽ، ايف آءِ اي سمورا ادارا قومي جي خدمت ل??ءِ هوندا.