اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه پاڪستان کي مديني جي رياست جي طرز تي ا??لامي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، بدعنواني ملڪ جي لاءِ سڀ کان وڏو ڪينسر آهي، قانون جي بالادستي کانسواءِ ڪو معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي، ملڪ جا اربين رپيا چوري ڪندڙ اين آر او چاهين ٿا، ڪيترن ئي غريب ۽ اسرندڙ ملڪن جي پسماندگي جو سبب انهن جي قيادت جو بدعنوان هجڻ آهي، اولهه ملڪ اسلامي فلاحي نظام جو اصول اختيار ڪري اڳتي نڪري ويا آهن، اظهار جي آزادي جو اهو مطلب نه آهي ??ه مذهبي نفرت کي هوا ڏني وڃي، اولهه کي باور ڪرائڻو پوندو ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي، عالم سڳورن کي ا??حاد ۽ ٻڌيءَ ۽ ملڪ کي پنهنجي ا??ل رستي تي واپس آڻڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالم سڳورا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس کي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري ۽ عيدگاهه شريف جي سجاده نشين پير حسان حسيب الرحمان پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان قائم ڪرڻ ۾ عالم سڳورن جو تمام اهم ڪردار رهيو آهي، عالم سڳورن باباءِ قوم سان گڏجي پاڪستان قائم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، قائداعظم پاڪستان کي ا??لامي فلاحي رياست ماڊل طور بڻائڻ چاهيندو ٿو، اڄ به پاڪستان کي رول ماڊل بڻائڻ جي لاءِ عالم سڳورن جو تمام اهم ڪردار آهي، دنيا جي تاريخ ۾ پاڪستان واحد ملڪ آهي ??يڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو، علامه اقبال به پاڪستان کي هڪ اهڙو ملڪ ڏسڻ چاهيندو هو جيڪو سڄي دنيا جي لاءِ رول ماڊل بڻي، عظيم مسلمان اسڪالر محمد عبده پڻ سوا سئو سال اڳ اولهه کان مصر واپس آيو ته هن اتي ٻڌايو ته اولهه ۾ مسلمان ته نه هئا پر اسلام تمام گهڻو ڏٺو جڏهن ته مصر ۾ مسلمان ته تمام گهڻا آهن پر اسلام نه آهي، ماضي ۾ مسلمانن جي ڪردار کي ڏسي ماڻهو اسلام قبول ??ند?? هئا پر بدقسمتي ا??ان ان شيءَ کان تمام گهڻو پري نڪري وياسين، پاڪستان کي ا??ان کي هڪ اهڙو ملڪ ٺاهڻو هو جنهن کي ڏسي دنيا متاثر ٿئي، عالم سڳورن کي ملڪ کي پنهنجي ا??ل رستي تي واپس آڻڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اولهه ۾ دهشتگردي کي ا??لام سان ڳنڍي ا??لامي دهشتگردي ۽ اسلامي انتهاپسندي جي ا??طلاح استعمال ڪئي وڃي ٿي، افسوس ان ڳالهه جو آهي ??ه گذريل 20 سالن ۾ مسلمان ملڪن پاران ان تي ردعمل ڏسڻ ۾ نه آيو، گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جهڙا پليٽ فارم موجود آهن جتي مسلمان ليڊرن کي اهو ٻڌائڻ گهرجي ها ته دهشتگردي جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي، دين ۽ دهشتگردي جو پاڻ ۾ ڪو تعلق نه آهي، اولهه ۾ ڪڏهن مسلمان ليڊرن پاران ان جي وضاحت نه ڪئي وئي.