اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان قوم سان ڪيل پنهنجي احتساب جي واعدي تان ڪڏهن پوئتي نه هٽيو، وزيراعظم عمران خان قانون جي حڪمراني کي قائم ڪيو آهي، علي ??فر جي رپورٽ سان جهانگير تر??ن جي خلاف تحقيقات تي ڪو فرق نه پوندو، ملاقات جي حوالي سان بئريسٽر ??لي ??فر ۽ بئريسٽر ??هزاد اڪبر جي ڳالهه کي اعتبار جوڳي سمجهان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته ??نڊ اسڪينڊل جي حوالي سان جوڙيل ڪميشن پنهنجون سفارشون پيش ڪيون ۽ انهن سفارشن جي بنياد تي ايف آءِ اي مختلف شوگر ملز جي خلاف ايف آءِ آرز داخل ڪيون ۽ انهن تي ڪارروائي شروع ٿي وئي، جهانگير تر??ن سياسي طور تي هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي ان لاءِ ميڊيا تي ان جو ذڪر ٿيندو آهي ۽ باقي جن جي خلاف ڪارروايون ٿي رهيون آهن ان جي حوالي سان اڳڀرائي منظر عام تي نٿي اچي، هن چيو ته بئريسٽر ??لي ??فر کي رڳو جهانگير تر??ن گروپ جي طرفان شڪايتن جي حوالي سان جاچ ڪرڻي هئي، بئريسٽر ??لي ??فر جي رپورٽ جو ايف آءِ اي جي جاچ يا عدالت جي سامهون جهانگير تر??ن جي ڪيس جي حوالي سان ڪو به تعلق نه آهي، اهي سڀ شيون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي هلي رهيون آهن، بئريسٽر ??لي ??فر جو ڪم جهانگير تر??ن گروپ جي شڪايت جي حوالي سان معاملن کي ڏسڻو آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان بنا فرق احتساب جي حوالي سان هڪ اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي ڪنهن به شخص جو تعلق چاهي حڪومتي پارٽي سان هجي يا مخالف ڌر سان هجي، جيڪڏهن ڪنهن جي خلاف ڪو سوال اٿي ٿو ته انڪوائري به ٿيندي ۽ لاڳاپيل ادارا جاچ به ڪندا ۽ سڀني کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو.