اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان جي اينيميشن انڊسٽري ۾ هر سال ويهوڻو اضافو ٿي رهيو آهي، گيمنگ انڊسٽري هن وقت 550 ارب ڊالر جي مارڪيٽ آهي، سال 2021ع جي آخري ۾ صرف ايني ميشن انڊسٽري 300 ارب ڊالر جو هدف عبور ڪري ويندي، پاڪستان ان ۾ 8.4 ارب ڊالر جو فيئر شيئر حاصل ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايني ميشن، گيمنگ ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري و??ارت ۽ برطانيه جي بورن موٿ يونيورسٽي جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداش?? تي صحيحن جي تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري و??ير چيو ته بورن موٿ يونيورسٽي ۽ ان جو نيشنل سينٽر فار ڪميپوٽر ايني ميشن ٽيڪنالاجي، ميڊيا ۽ جرنلزم ۾ مهارت سان عالمي سطح تي تسليم ٿيل ۽ اعليٰ ڪارڪردگي رکندڙ ادارو آهي. هن چيو ته ايني ميشن ۽ گيمنگ جي شعبي ۾ ڪمپنين جي ڪاروبار ۾ اضافو خوش آئنده آهي. وفاقي و??ير ٻڌايو ته پاڪستان جي 64 سيڪڙو آبادي 25 سال ۽ 40 سيڪڙو آباد 20 سال کان گهٽ عمر جي آهي، بورن موٿ يونيورسٽي سان حصيداري سان پاڪستاني نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ جا موقعا ملندا. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته بورن موٿ يونيورسٽي سان گڏجي پاڪستاني نوجوانن ۾ گيمنگ ۽ ايني ميشن جي فروغ لاءِ ق??م کڻي رهي آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت 200 کان وڌيڪ ٽي وي چئنلز ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڊجيٽل چئنلز جي تعداد ۾ روزاني جي بنياد تي اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ فلم ۽ ڊرامي جي شعبي ۾ ڪيترائي موقعا موجود آهن، اسان فلم انڊسٽري کي فروغ ڏيڻ لاءِ ق??م کڻي رهيا آهيون، هن چيو ته م??سٽر ۽ پي ايڇ ڊي ڊگريز لاءِ اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪيا پيا وڃن، اطلاعات واري و??ير چيو ته بورن موٿ يونيورسٽي پاران تعاون جي فراهمي ان شعبي ۾ ترقي جون نيون راهون کلنديون. ان کان اڳ مفاهمت جي يادداش?? تي نيشنل ميڊيا يونيورسٽي جي فوڪل پرسن ثمينه فرزين صحيح ڪئي. مفاهمت جي يادداشت ميڊيا، ايني ميشن ۽ گيمنگ جي شعبن ۾ تعاون لاءِ راهه هموار ڪندي، ان موقعي تي بورن موٿ يونيورسٽي جي و??ئيس چانسلر چيو ته بورن موٿ يونيورسٽي کي اطلاعات ۽ نشريات واري و??ارت سان ان حصيداري تي خوشي آهي، ان حصيداري سان پاڪستاني شاگردن کي موقعا ميسر ايندا، اسان ان شعبي ۾ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون. مفاهمت جي يادداش?? تي صحيحن جي موقعي تي و??ئيس چانسلر بورن موٿ يونيورسٽي پروفيسر جان ويني، چيف آپرٽنگ آفيسر جم اينڊريو، هيڊ آف ڊپارٽمينٽ اين سي سي اي ڊاڪٽر رچرڊ، ايف ايم سي جي سينئر ليڪچرر ڊاڪٽر ريحان ضياءُ، هيڊ آف انٽرنيشنل مارڪيٽنگ اينڊ اسٽوڊنٽ ريڪرومينٽ اينڊ ريبرڊ ۽ انٽرنيشنل پارٽنرشپ ڊولپمينٽ مينيجر ڊاڪٽر الاسٽيئر موريس وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.