اسلام آب??د – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معيشت جي استحڪام لاءِ صنعتي ترقي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت روانگي واپار وڌ??ئڻ لاءِ صنعتن کي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي جنهن سان نه رڳو واپاري خسارو گهٽ ٿيندو ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو، پر مل?? ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، ٽيڪس جي نظام جي بهتري لاءِ سڌارا جاري آهن، سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت سان ان عمل ۾ تيزي ۽ بهتري ايندي جڏهن ته مل?? جي سموري وڏن صنعت ۽ واپار جي ايوانن حڪومت جي ڪاروباري دوست پاليسين ۽ ڪاروباري ۾ آساني لاءِ کنيل قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڪاروباري برادري جي مشاورت سان ٽيڪس روينيو وڌ??ئڻ جي حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان سان مل?? جي وڏي چيمبر آف ڪامرس جي صدر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جو واپار ۽ سيڙپڪاري بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر کانسواءِ لاڳاپيل عملدار به موجود هئا، جڏهن ته ناڻي وارو وزير شوڪت فياض ترين وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيو. ملاقات واپار واري وزارت طرفان شروع ڪيل حڪومت ۽ ڪاروباري برادري جي وچ ۾ تجويزن جي مٽاسٽا ۽ حڪومتي پاليسين تي آگاهي وڌ??ئڻ جي سلسلي جي ڪڙي آهي. ملاقات ۾ وفاق ايوان صنعت ۽ واپار جو صدر سان گڏوگڏ ڪراچي، لاهور، سرحد، ڪوئيٽا، گجرانوالا، سيالڪوٽ، فيصل آب??د، گجرات، ملتان، سرگوڌا، گوادر، اسلام آب??د ۽ راولپنڊي جي چيمبرز جا صدر ۽ نائب صدر به موجود هئا. ??جل??س ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم ۽ سندس معاشي ٽيم کي ڪورونا وائرس جي وبا جي باوجود مل?? ۾ ڪامياب معاشي پاليسين جي ڪري تقريبن 4 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ، وڏين صنعتن جي واڌ جي شره ۾ 15 سيڪڙو تائين اضافي، برآمدي صنعت لاءِ سهولتن ۽ رڪاوٽن جي ازالي، اسٽيٽ بئنڪ جي وچولي ۽ ننڍين صنعتن لاءِ مراعتن (جنهن ۾ مشينري لاءِ قرض شامل آهن) ۽ ڪاروباري برادري کي ازبڪستان جي واپاري صلاحيت مان فائدو کڻڻ لاءِ انهن سان گڏ رکڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان کانسواءِ ٽيڪس روينيو ۽ روانگي اوپار ۽ ٻاهرين مل??ن مان مٽاسٽا جو ناڻي ۾ اضافي تي وزيراعظم کي مبارڪباد پيش ڪئي، شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي پهريون ڀيرو ڪاروباري برادري جي مسئلن جي حل لاءِ انهن جون تجويزون سڌيون سنئيون ٻڌڻ جي ان قدم کي به ساراهيو ۽ ماضي ۾ ان طرح جي ڪنهن قدم جي موجودگي نه هجڻ جي ڪري حڪومت ۽ ڪاروباري برادري جي وچ ۾ موجود ويڇي سان مل?? ۾ ڪاروبار جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن جو به ذڪر ڪيو. شرڪت ڪندڙن ??جل??س ۾ ان ڳالهه جو به اظهار ڪيو ته ڪاروباري برادري ٽيڪس ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ ٽيڪس نظام ۾ سڌارن لاءِ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندي. وزيراعظم مل??يم عيشت جي مضبوطي لاءِ صنعتي ترقي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته حڪومت برآمدات وڌ??ئڻ لاءِ صنعتن کي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي جنهن سان نه رڳو واپاري خسارو گهٽ ٿيندو ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو پر مل?? ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪس جي نظام جي بهتري لاءِ سڌارا جاري آهن، سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت سان ان عمل ۾ تيزي ۽ بهتري ايندي. وزيراعظم وفاقي وزيرن کي اسٽيڪ هولڊرز سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ ۽ انهن جون تجويزون ۽ مسئلا ٻڌڻ لاءِ باقاعدگي سان ملاقاتن جي هدايت جاري ڪئي، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سياحت جي صنعت جي ترقي لاءِ لائحه عمل، زراعت جي ترقي لاءِ جامع ايگريڪلچرل پلان ۽ صنعتن کي مراعتون ۽ سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون، موجوده حڪومت صنعتڪارن ۽ ڪاروباري برداري کي سهولتون فراهم ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو ڌيان هاڻي مشاورت سان مسئلن جي حل لاءِ ڪوششن تي ڏئي رهي آهي.