اسلام آباد/ دوشنبي-25 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم ??اه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ تا??ڪستان سميت پوري خطي لاءِ اقتصادي سهڪار وڌائڻ ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان برابر اهميت وارو آهي. اهڙو اظهار هن دوشنبي ۾ تا??ڪستان جي صدر امام علي الرحمان سان ملاقات ۾ ڪيو. پرڏيهي آفيس مطابق ??اه محمود قريشي تا??ڪستان جي صدر کي وزيراعظم عمران خان طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ تا??ڪستان وچ ۾ اونها تا??يخي ڀائراڻا ناتا آهن جيڪي برابر مذهبي، تهذيبي ۽ ثقافتي بنيادن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي اعليٰ قيادت انهن ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير تا??ڪستان سان گڏ??ل دلچسپي جي ڊگهي مدي وارن شعبن ۾ ٻه طرفي ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ تا??ڪستان جي صدر کي افغانستان جي موجوده صورتحال جي حوالي سان پاڪستان جي نقطئه نظر کان آگاهه ڪيو. ??اه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ تا??ڪستان سميت سڄي خطي لاءِ وڏي اهميت وارو آهي. ??اه محمود قريشي گڏ??ل مقصدن کي ماڻڻ لاءِ گڏ??ل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. تا??ڪستان جي صدر امام علي الرحمان چيو ته هو سيپٽمبر 2021ع تي دوشنبي ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان جي شرڪت جو منتظر آهي.