تهران – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان جي اعزاز ۾ ايران جي صدارتي محل ۾ باضابطه آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي. سعد آباد پيلس آمد تي وزيراعظم جو والهاڻو استقبال ڪيو ويو. ايران جي صدر حسن روحاني والهاڻي ا??داز ۾ وزيراعظم جي آجيان ڪئي، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. وزيراعظ?? عمران خان گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو.