اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) 15 جنوري کان درآمدي ڪپ??ه تي ٽي سيڪڙو ريگوليٽري ڊيوٽي، ٻه سيڪڙو اضافي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ 5 سيڪڙو سيلز ٽيڪس واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اي سي سي طورخم بارڊر جي ذريعي افغانستان ۽ وچ ايشيا کان ڪپ??ه جي درآمد جي اجازت به ڏئ?? ڇڏي آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.