اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جو سڀ ??ان قيمتي اثاثو اسان جا نوجوان آهن ۽ نوجوان آبادي جو فائدو تڏهن ٿيندو جڏهن اسان انهن کي تعليم ۽ هنر ڏينداسين، مديني جي ??ياست اسان جي لاءِ رول ماڊل آهي جنهن جي ??نياد تي هڪ اهڙي عظيم تهذيب جو بنياد پيو جنهن 700 سالن تائين دنيا جي قيادت ڪئي، معاشري جي ڪمزور طبقن کي اڳتي وٺي وڃڻ اسان جي ??ولين ترجيح آهي، غريب ۽ مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفا جاري ڪرڻ مديني جي ??ياست جي ماڊل جو تسلسل آهي، احساس جي ??حت سموريون اسڪيمون ميرٽ ۽ شفافيت جي ??نياد تي اڳتي وڌائي رهيا آهيون، ان ۾ سياسي عمل دخل نه هوندو، احساس انڊر گر??جو??يٽ اسڪالرشپ پروگرام سان پاڪستان ج?? بهترين ٽيلينٽ سامهون ايندو. احساس انڊر گر??جو??يٽ اسڪالرشپ پروگرام جي ??فتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪرڻ تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفا ڏيڻ جو هيستائين جو سڀ ??ان وڏو پروگرام آهي جنهن سان کيس دلي خوشي ٿي آهي.