اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا سبب مزدور طبقو سڀ کان وڌيڪ ڌيان طلب آهي ۽ حڪومت ان ??ي لاءِ خصوصي رليف فراهم ڪري رهي آ??ي، تعميرات جي شعبي کي مراعتون فراهم ڪرڻ سان روزگار جا موقعا وڌندا، معيشت مضبوط ٿيندي ۽ مزدور طبقي کي ان صورتحال ۾ رليف ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا وائرس سبب معيشت تي پوندڙ اثرن خاص طور تي تعميرات جي شعبي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪند?? ڪيو.