اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته هيلٿ ورڪرز ج?? خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جيڪي قومي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان حڪومت انهن جي حفاظت کي او??ين ترجيح ڏي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز اسپتال جي دوري جي موق??ي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موق??ي تي هيلٿ وارو وفاقي سيڪريٽري عامر اشرف خواجه ۽ ڊي جي هيلٿ پڻ ساڻس گڏ هئا. خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جاري انتظامن ۽ قدمن جو جائزو ورتو. ان موق??ي تي پمز ج?? ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر درپيش چئلينجز ۽ قدمن ب??بت بريفنگ ڏني.