اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 31 هزار 681 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪ??رونا جا 63 هزار 504 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس کي منهن ڏيندڙ 153 ماڻهو فوت ٿي ويا، 26 فيبروري تي ڪوورنا وائرس جي پهرين ڪيس کانپوءِ اهي هيستائين جي هڪ ڏينهن ۾ ٿيندڙ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون آهن. گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۾ ڪ??ويڊ 19 جو ڪو به مريضن وينٽي ليٽر تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪ??رونا وائرس کان متاثر 549 مريض وينٽي ليٽرز تي آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪ?? ايڪٽو ڪيسن جو انگ 1 لک 4 هزار 780 آهي جنهن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6604 ماڻهن جو اضافو ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪ??رونا وائرس جي مريضن جو انگ 1 لک 71 هزار 666 آهي جن ۾ آزاد ڪشمير ۾ 803، بلوچستان ۾ 9 هزار 162، گلگت بلتستان ۾ 1 ه??ار 253، اسلام آباد ۾ 10 هزار 279، خيبرپختونخواهه ۾ 20 هزار 790، پنجاب ۾ 64 هزار 216 ۽ سنڌ ۾ ڪ??رونا مريضن جو انگ 65 هزار 163 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪ??رونا سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 3382 آهي جن مان سنڌ ۾ 1 ه??ار 13، پنجاب ۾ 1 ه??ار 347، خيبرپختونخواهه ۾ 789، اسلام آباد ۾ 95، بلوچستان ۾ 100، گلگت بلتستان ۾ 21 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 17 فوتگيون ٿيون.