اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي ڪامياب سفارتي ڪوششن ۽ عالمي ميڊيا تي معاملو بهتر اندز ۾ اجاگر ٿيڻ تي دنيا ڪشمير جي حوالي سان ڀ??رت جي بياني کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ڀ??رت جو مڪروه چهرو بي نقاب ڪندو رهندو ۽ هر فورم تي ڀارتي بربريت سامهون آڻيندا رهنداسين. 50 سالن کانپوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ ڪشمير مسئلو بحث هيٺ آندو ويو. هو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ا??تمام هيٺ ”تشدد جو عالمي ڏينهن ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ا??تهاپسندي“ جي عنوان سان منعقد س??مي??ار کي خطاب ڪري رهيو هو.