اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عاشور جي ڏ??اڙ?? جي موقعي تي ملڪ ۾ امن ۽ احترام قائم رکڻ تي قوم جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته فرقيواريت جي باهه ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪندڙ عنصرن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته يوم عاشور جي موقعي تي ملڪ ۾ امن ۽ احترام برقرار رکڻ تي پوري قوم جو ٿورو ادا ڪريان ٿو بد??سمتي سان ان دوران ڪجهه فتنو پکيڙيندڙ عنصرن جُون شر انگيزيون منهنجي علم ۾ آنديون ويون آهن، جنهن ان موقعي تي فرقيواريت جي باهه ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪ??ي، وزيراعظم عمران خان چيو ته شرپسندن جي ان گروهه سان حڪومت نهايت سختي سان منهن ڏيندي.