فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پوليس ڪامپليڪس لائلپور ٽائون، ڪشمير پل انڊر پاس ۽ ڪيليگرافي جي نمائش جو افتتاح ڪيو، وزيراعظم عمران خان ڄاڻايل منصوبن جو افتتاح هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿيندڙ پُروقار تقريب دوران ڪيو. ان موقعي ت?? وزيراعظم کي ٻڌايو ??يو ته پوليس ڪامپليڪس لائلپور ٽائون فيصل آباد جي تعمير 145.246 ملين روپين جي لاڳت سان 20 جنوري 2016ع ۾ شروع ڪئي وئي جنهن تي 95 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ اهو منصوبو 31 ڊسمبر 2020ع تائين پڄاڻي ت?? پهچي ويندو، وزيراعظم کي ٻڌايو ??يو ته ڪشمير پل انڊر پاس ڪينال روڊ فيصل آباد جو منصوبو 1280.209 ملين روپين جي لاڳت سان 20 مارچ 2018ع تي نيشنل لاجسٽڪ سيل جي ذريعي شروع ڪيو ??يو جنهن جو 85 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم مڪمل ڪيو ??يو آهي ۽ باقي ڪم 31 ڊسمبر 2020ع تائين مڪمل ڪري ان کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ کوليو ??يندو، جنهن سان شهرين کي سگنل فري ڪينال روڊ کان ايڪسپريس وي ۽ موٽر وي تائين پهچ ۾ انتهائي آساني ٿيندي، بعد ۾ وزيراعظم هفته شان رحمت العالمين ﷺ جي سلسلي ۾ ملڪ جي مشهور مصورن محمد قمر سلطان ۽ نثار احمد جي ڪيليگرافي جي فن پارن جي نمائش جو به افتتاح ڪيو، ڪيليگرافي نمائش ۾ وڏي تعداد ۾ قرآني خطاطي سميت ٻين انتهائي ن??در ۽ قيمتي فن پارا نمائش لاءِ رکيا ويا.