پشاور – 08 فيبروري (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پشاور دوري تي گورنر هائوس پشاور په??ي ويو آهي. صدر سان خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان ملاقات ڪئي آهي. سومر ڏينهن ??يوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ صو??ي سميت اڳوڻن قبائلي علائقن جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ امن امان، ترقياتي معاملن، عوامي ڀلائي جي منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. خيبرپختونخوا جي گورنر صدر کي صوبي جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ انتظامي معاملن ۾ سڌارن بابت به آگاهه ڪيو.