ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مسلمان امت جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي کانسواءِ فڪري ۽ سائبر حملن سميت ج??يد جنگي محاذن تي موثر مقابلو ڪرڻ لاءِ فوري اطلاع ۽ انٽيلي جنس تي ٻڌل ڀرپور قومي تيارين تي زور ڏنو آهي. هن ??راق ۾ آمريڪي مداخلت ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران تازي مواصلاتي بندش?? جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته مسلمانن کي پنهنجي اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ گهرجي جيڪي دنيا ۾ سلامتي ۽ عظمت کي برقرار رکڻ لاءِ ايترائي اهم آهن. اهڙن خيال?? جو اظهار هن ڪراچي ۾ پي اي ايف ايئر وار ڪاليج کي انسٽيٽيوٽ جو در??و ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. جنوري 1959 تي ان اسٽاف ڪاليج جو ان وق?? جي صدر محمد ايوب خان افتتاح ڪيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جيڪو هن ??نسٽيٽيوٽ جو پهريون چانسلر آهي، تنهن معياري پيشيوراڻي تربيت ۽ تعليم سان گڏوگڏ اخلاقيات جي اهميت تي به زور ڏنو. ملڪ جي مضبوط دفاعي نظام کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دنيا ۾ دفاعي شعبي ۾ ڪنهن ??ه اڳڀرائي تي پورو لهندي آهي. هن ??فاعي تعليم ۽ تربيتي انسٽيٽيوٽ جي صلاحيت ۾ اضافي سان گڏوگڏ ج??يد تعليم ۽ ٽيڪنالاجيز سان پاڻ کي ليس ڪيو آهي جنهن ??ان کيس بهترين دفاعي حڪمت عملين کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.