هري پور – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان پنج جون تي عالمي ماحوليات جي ڏهاڙ?? جي ميزباني ڪندو، پاڪستان ان 10 ملڪن ۾ شامل آه?? جي??ي ماحولياتي اثرن جو وڌيڪ شڪار آهن، 10 بلين ٽري سونامي، قومي پارڪ جي ??يام جي ??نصوبن سميت ٻيا قدم ان صورتحال کي منهن ڏيڻ جي سلسل?? جي ڪڙي آهن، نئين نسل کي ماحولياتي تبديلين کان پاڪ پاڪستان ڏينداسين. هو وزيراعظم هري پور ضلعي ۾ 10 بلين سونامي پروگرام جي ??ناسبت سان ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ٻوٽو به لڳايو، موسمياتي تبديلين وارو خصوصي صلاحڪار ملڪ امين اسلم وزيراعظم کي 10 بلين ٽري سونامي پروگرام جي ڪاميابين جي حوالي سان بريف ڪيو، وزيراعظم ان موقعي ??ي گڏيل قومن جي ??احوليات پروگرام جي ”نيچر ڪيپيٽل آف پاڪستان“ رپورٽ تي به بريفنگ ورتي. وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي ??وقعي تي تقريبن جي ??يزباني پاڪستان جو اعزاز آهي. پاڪستان دنيا جي انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي ج??ي ماحولياتي تبديلين ۽ عالمي حدت کي منهن ڏيڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهيو آهي، اهي قدم ڏيکاءُ نه پر ايندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان لاءِ آهي، هن چيو ته پاڪستان انهن ڏهن ملڪن ۾ شامل آه?? جي??ي ماحولياتي تبديلين جو سڀ کان وڌيڪ شڪار آهن، پاڻ?? جي دريائن جو دارومدار گليشيئرز تي آهي ۽ عالمي حدت جي سبب سان جنهن تيزي سان اهي پگهرجي رهيا آهن ان سان پاڻ?? جي صورتحال ۾ تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اها صورتحال ڀارت سان به آهي، ان جي ??اڻي جو دارومدار به گليشيئرز تي آهي، هن چيو ته ان سلسلي ۾ اسان ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته جيئن ايندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏي وڃون.